قمبر ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي سبب برساتي ٻوڏ کانپوءِ شهر جي روڊن، رستن ۽ گهٽين نالين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، هر پاسي بيٺل نالين جي پاڻي ۽ گندگي سبب شهرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، هزارين ماڻهو گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا. قمبر شهر کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. ميونسپل ڪميٽي جا ڪروڙين رپيا مهينو بجيٽ هوندي حصو پتي ۽ ڪوڙا بل ٺاهي رشوت جي نظر ٿي وڃن ٿا. شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن شهرين مطالبو ڪيو ته شهر مان گندو پاڻي ۽ گندگي ختم ڪري صفائي لا بهتر اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن سک جو ساهه کڻي سگهون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close