قبوسعيدخان ۾ ٻوڏ متاثرن جو واھر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ بقا محمد جمالي، سنجر محلي، ڪمبوهه محلي، شيخ محلي، ڪمالاڻي محلي سميت مختلف ڳوٺ جي ٻوڏ متاثرين جو گوادر موٽروي روڊ تي ڊاڪٽر مظھر پنھور جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽر وي وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر مظھر حسين پنھور، عبد الرحيم جمالي، عبدالغفار جمالي ۽ ٻين دانھيندي چيو آهي ته ٻوڏ کي 15 ڏينھن گذري ويا پر ھن مهل تائين نه اسان جي علائقي مان پاڻي نيڪال ٿي سگھيو نه وري اسان کي راشن ڏنو ويو ۽ نه ئي وري ٽينٽ ڏنا ويا آهن. ھنن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا مسلسل منظر عام تان غائب ھجڻ ڪري اسان جي ڪنھن به پرگھور نه لڌي آهي، اسان کليل آسمان ھيٺ بنا ڇت ۽ بنا کاڌ خوراڪ سبب ڪيترن ڏينھن کان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون ۽ صاف پاڻي نه ملڻ، رليف ڪئمپ قائم نه ڪرڻ سبب ٻوسٽ واري گرمي سبب مختلف بيمارين گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين منھن ڪڍيو آهي، جيڪي وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن. سوين ٻوڏ متاثرن ان بيماري ۾ ورتل آھن ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور کاڌ خوراڪ، دوائون ڏئي رليف ۽ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري زندگيون بچايون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close