مدئجي ويجهو ڳوٺ ڳاهيجا جي رهواسي برسات متاثرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. مدئجي ويجهو ڳوٺ ڳاهيجا واسين سياسي سماجي اڳواڻن محمد ملوڪ ابڙو، اسد، فياض ابڙو ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي هنن دانهيندي ٻڌايو ته برسات سبب ڳوٺ ڳاهيجا ۾ 80 سيڪڙو گهر ڪري پٽ ٿي ويا آهن، فصل، مال متال پڻ ختم ٿي ويو آهي. هنن چيو ته ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا لڙي به ڪونه آيا آهن. هن وقت کيل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. هنن مطالبو ڪندي چيو نوٽيس وٺي کائڻ لاءِ راشن رهڻ لاءِ خيما ڏنا وڃن ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close