بخشاپور جي وچ بازار ۾ پ پ ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب پي ٽي آئي جو ھڪ ڪارڪن شيراز ڊومڪي زخمي ٿي پيو، زخمي ٿاڻي تان ليٽر وٺڻ بعد بخشاپور جي رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجھ ڏينهن اڳ بخشاپور پوليس پ پ جي ونگار وهندي برسات متاثر 72 ڄڻن مٿان سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ھو، جنهن بعد پي ٽي آئي ۽ پ پ ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته زخمي ٿيل پي ٽي آئي ڪارڪن شيراز ڊومڪي جو چوڻ هو ته پ پ جي بااثر 25 ماڻهن رستي ويندي لٺين سروٽن جو وسڪارو لاهي ڏنو، شهرين وچ ۾ پئي مونکي بچائي ورتو. آخري اطلائن تائين جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close