عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه پاران قائم ڪرايل ڪيٽل فارم جي ٽينٽ سٽي وارو ٽينٽ اسڪول بند ٿي ويو، جنهن سبب شاگردن جي تعليم رڪجي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ صوبائي وزير سردار شاهه ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل معصوم شاگردن جي تعليم جاري رکڻ لا ٽينٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو هو، پر استاد نه اچڻ سبب ٽينٽ اسڪول بند ٿي ويو آهي. ٽينٽ سٽي اسڪول ۾ گذريل ڏينهن سومر تي استاد نه آيا، معصوم ٻار انتظار ڪري واپس هليا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close