مدئجي جي سماجي اڳواڻن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. مدئجي پوليس جي مبينا ناجائزين خلاف سول سوسائٽي جي ماڻهن رابيل عباسي، بهلول منگي، ذاڪر عباسي، عرفان لانگاهه ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ عباسي محلي مان سماجي اڳواڻ رابيل عباسي جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاهي ويا هئا، جنهن جو بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو هو پر پوليس 15 ڀيرا ٿاڻي جا چڪر ڪٽرايا آهن هن وقت تائين پوليس گاڏي هٿ ناهي ڪري سگهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close