سنڌ

ڊيوٽي نه ڪندڙ آَفيسرن کي برطرف ڪيو وڃي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ جي صورتحال ۽ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته جيڪي آفيسر ڊيوٽي نٿا ڪن انهن کي برطرف ڪيو وڃي ۽ انهن جي جاءِ تي محنتي ۽ ايماندار ورڪرن کي مقرر ڪيو وڃي. اسان کي بھترين اسٽاف جي ضرورت آھي جيڪي ٻوڏ متاثرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ ھجن ۽ انھن جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکن، تنھنڪري صحت، لوڪل گورنمينٽ، پي ايڇ اي، آبپاشي ۽ ٻين عملدارن جي مقرري ان حساب سان ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا، باري پتافي، صلاحڪارن ۾ منظور وساڻ، مرتضيٰ وهاب ۽ رسول بخش چانڊيو ۽ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، لاڳاپيل سيڪريٽرين، ڪور 5، انجنئرنگ ڪور، پاڪستان نيوي ۽ ايئر فورس جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي آبپاشي کاتي، صحت ۽ پي ڊي ايم اي پاران بريفنگ/پريزنٽيشن ڏني وئي ۽ وڏي وزير فيصلو ڪيو ته امدادي سامان جي ورڇ يونين ڪائونسل سطح تي ڪئي ويندي ته جيئن برساتن/ٻوڏن کان متاثر ماڻهن تائين ۽ گهرن کان محروم ماڻهن تائين اهو سامان پھچائي سگهي. آبپاشي کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال معمول تي اچڻ واري آهي. گڊو ۽ سکر بئراج گذريل هڪ هفتي دوران معمول تي اچي ويا آهن پر ڪوٽڙي ۾ وڏي ٻوڏ برقرار آهي، ان جي پاڻي جي سطح گهٽجي اپ اسٽريم 575435 ۽ ڊائون اسٽريم 555185 ٿي وئي آهي. منڇر ڍنڍ جي سطح پڻ 12 سيپٽمبر تي 122.75 RL کان 13 سيپٽمبر تي 122.50 RL ٿي وئي آهي. دادو مورو پل تي به پاڻي جي سطح آر ايل 130.4 کان گهٽجي 126.9 ٿي وئي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته هي 3.5 آر ايل گهٽتائي سٺو سنوڻ آهي. آمري پل جي ليول به 111.4 RL مان 19.9 RL تي اچي وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته منڇر وٽان درياهه ۾ پاڻي ڪرڻ کي 141200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪا سٺي ڳالهه آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايل ايس بند کي چار ڪٽ ڏنا ويا، جنهن سبب ميهڙ ۽ خيبر پورناٿن شاهه ۾ پاڻي جي سطح هڪ فوٽ ۽ ٽي فوٽ گهٽجي وئي آهي. RD-30 تي MNV ۾ به پاڻي جي سطح 3 فوٽ ۽ انڊس (لنڪ-RD-45) ۾ هڪ فوٽ گهٽجي وئي آهي. ڀان سيد آباد کي بچائڻ لاءِ رنگ بند تي ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ پاڻي جي سطح پڻ هيٺ ٿي رهي آهي. اسپائنل ڊرين (ساڄو ڪپ) بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته RD-816 کان RD-159 تائين اسپائنل جي ڪنارن تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي. ايل بي او ڊي جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ ڪالهه تيز برسات پئي ۽ اربع تائين وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، جنهن سان ان جي ڪنارن تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو. صحت کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هنن 206 فڪسڊ ڪيمپون قائم ڪيون آهن، جتي 317 ڊاڪٽر، 648 پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ 145 رضاڪار ڪم ڪري رهيا آهن. صحت کاتي 382 موبائيل ڪئمپون پڻ لڳايون آهن، جن ۾ 396 ڊاڪٽر، 765 پيرا ميڊيڪل ۽ 171 رضاڪار امدادي ڪيمپن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. 12 سيپٽمبر تي مقرر ڪيل ۽ موبائيل ٻنهي ڪئمپن ۾ ڊاڪٽرن 371440 مريضن جو معائنو ڪيو، جن مان 18,804 مريض گيسٽرو، 20968 چمڙي جي بيماري جا مريض، 8731 مليريا (شڪي)، 80 ڊينگي (شڪي) ۽ 43903 ڄڻ کي ٻيون بيماريون هيون. ڪيمپن ۾ پنج مريض فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هيستائين 169 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪئمپن ۾ مڇرمار اسپري ڪيو وڃي ۽ ڪئمپن ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن خاص ڪري عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جو خيال رکيو وڃي. امدادي سامان جي ورڇ بابت پي ڊي ايم اي اجلاس کي ٻڌايو ته 12 سيپٽمبر 2020 تي سڀني ڇهن ڊويزنن ۾ 6873 خيما، 500 خيما، 21200 ترپال، 50536 راشن بيگز وڌيڪ ورهائڻ لاءِ موڪليا ويا آهن. متاثر علائقن ۾ هيستائين 181161 ترپال، 396162 راشن بيگز ورهايا ويا آهن. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير آبپاشي کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ پي ايڇ اي کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ اجلاس ۾ شهرن ۽ ڳوٺن مان نڪرندڙ پاڻي جي حوالي سان بريفنگ ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button