سنڌ

عمران خان پاڪ فوج کي نقصان رسائي رهيو آهي: سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني چيو اهي ته هن ملڪ ۾ رڳو آرمي چيف کي ئي ناهي لڳائڻو هوندو پر ڪيترن ئي ادارن ۾ مقرريون ڪيون وينديون آهن، جيڪي ميرٽ تي ٿينديون آهن، ان حوالي سان عمران خان جو بيانيو مذمت جوڳو آهي، عمران خان پاڪ فوج کي نقصان رسائي رهيو آهي، آرمي چيف جي مقرري پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن واري 19هين فارما ايشيا 2022 انٽرنيشنل نمائش ۽ ڪنوينشن جي افتتاح ۽ ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سعيد غني چيو ته سخت برساتن کان پوءِ ڊينگي ۽ ٻيا وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي ان موقعي تي صوبائي وزير سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪجهه اطلاعن جي سختي سان نفي ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي روڪڻ لاءِ جنگي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙيندي عملي طور تي لاڳاپيل کاتن ۽ ٽيمن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي سختي سان مانيٽرنگ به ڪئي پئي وڃي، عوامي شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ سمورا وزير پاڻمرادو ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تنقيد جمهوري حق آهي پر اجايو تنقيد سان بي چيني وڌندي، جنهن جا هاڃيڪار اثر متاثر عوام تي پوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سخت برساتن کان پوءِ بيٺل پاڻي سبب ڊينگي ۽ ٻيا وبائي مرض پيدا ٿيا آهن. هن وقت وڏي اسڪيل تي چئلينج کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڊينگي کان بچاءُ لاءِ ضروري آهي ته صاف پاڻي ڪٿي بيهڻ نه ڏيو. هڪ سوال تي هن چيو ته دوائن جا معاملا وفاقي حڪومت ڏسي ٿي، بخار جي دوائن جي کوٽ آهي جنهن تي ترت ڌيان جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button