سنڌ

قمبر شهر ۾ گندگي خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ شھري اتحاد پاران گندگي ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي نااهل عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٻئي ڏينهن به ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. ان موقعي تي شھري اتحاد جي صدر محمد اسلم تنيو، سيد مجاهد حسين شاهه، علي جان مگسي، زوار گوپانگ، خالد حسين مارفاڻي، منٺار بليدي ۽ ٻين چيو ته قمبر ميونسپل ڪاميٽي شهر جي صفائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، سڄو شھر گندگي جو ڊير بڻجي ويو آهي. ڪروڙين رپين جي بجيٽ ھوندي به ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم وائيٽ ڪالرس ڀنگي ڪم نٿا ڪن ۽ جيڪي ملازم آهن، انهن مان گهڻا سياسي ماڻهن جي بنگلن تي ڪم ڪن ٿا ۽ باقي گھڻا سفارش تي مختلف آفيسن کي مليل آهن. هنن چيو ته برسات کانپوءِ شهر ۾ هر طرف گندگي ئي گندگي آهي، جنهن ڪري مليريا گيسٽرو ٻين وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي جنهن ڪري شهري سخت پريشان آهن. هنن مطالبو ڪيو ته شهر مان هنگامي طور تي صفائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button