سنڌ

چوهڙ جمالي ڀرسان بچا بند جو گهارو بند نه ٿيو،متاثر پريشان

چوهڙ جمالي ڀرسان ڪوڪا رٽائرينگ بچا بند کي آر ڊي 134 وٽان لڳل گھارو بند نه ٿيو ۽ نه ئي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺاڻن جي واھر ڪئي وئي. پاڻي شاھبندر ۽ کارو تعلقي جي ساحلي علائقي جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، متاثر ڳوٺن ۾ ڳوٺ بابو سمون، ڳوٺ حاجي جاني ڪاتيار، ڳوٺ حاجي صالو سولنگي، ڳوٺ ٺوڙي، ڳوٺ آچار ڌانڌل، ڳوٺ محمد ڪنڊڙيو ۽ ٻيا شامل آھن. ڳوٺاڻا بي يارو مددگار مٿاھين ھنڌن تي ويٺا آھن. متاثر ڳوٺاڻن نالي احمد خان ڪليري، محمد عمر ڪليري، غلام مصطفى سمون، بابو خليفو ۽ ٻين دانهيو ته اسان جا سمورا زميني رستا بند ٿي ويا آھن. چئوطرف پاڻي ئي پاڻي آھي پر سجاول ضلعي جي انتظاميا اسان کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آھي. اسان شايد پاڪسان جي حدن ۾ ناھيون جو اسان جي سرڪار ڪا سار ناھي لڌي. اسان وٽ کاڌي پيتي لا ڪجھ به ناھي بچيو. سڀ لڙھي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button