سنڌ

حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر ماڻهن جي ظلم خلاف مظاهرو

حيدرآباد ٻهراڙي ۾ واقع آزاد نگر جي رهواسي عورتن ۽ مردن بااثر ماڻهن جي ظلم خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۽ ايس ايس پي آفيس سامهون مظاهرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي لالي ڪولهڻ، نانجي ڀيل، سومار ڀڳت ۽ ٻين چيو ته پاڻ کي ڪامريڊ سڏائيندڙ پنهون ڀيل ۽ ان جا ساٿي 15 سالن کان آزاد نگر ۾ پناهه ورتل ڀيل برادري جي غريب اٻوجهه عورتن، مردن کي بليڪ ميل ڪري هيسائي رهيا آهن. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنهون ڀيل ۽ سندس ساٿي آزاد نگر جي ڀيل برادري لاءِ آيل امداد پاڻ کڻي ويا، پڇاڻو ڪرڻ تي کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن مان اسان کي جاني نقصان جو خدشو آهي. هنن اپيل ڪئي ته پنهون ڀيل ۽ سندس ساٿين خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button