سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نانگ ڪکيل تپيدار ڊاڪٽرن سان منهن ماري بعد گرفتار

لاڙڪاڻي جي او پي ايف ڪالوني ۾ تپيدار ڪفايت ڪيهر کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران مبينا طور تپيدار جو علاج ۾ سستي جو مظاهرو ڪرڻ تي وارثن ۽ ڊاڪٽرن ۽ منهن ماري ٿي، جنهن تي اسپتال انتظاميا پوليس کي اطلاع ڏنو. سول لائين پوليس پهچي نانگ ڪکيل تپيدار کي بنا علاج جي ئي گهلي پوليس موبائيل ۾ ويهاري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جتي بيهوش ٿيڻ تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جنهن بعد پوليس کيس فوري علاج لاءِ ٻيهر چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر زخمي بيهوش ٿيل تپيدار جو علاج ڪيو. تپيدار جي وارثن ڪامريڊ صفدر ڪورائي ٻڌايو ته تپيدار ڪفايت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر علاج ۾ سستي پيا ڪن جن کي چيوسين ته علاج ڪيو انهن ويتر مهن ماري ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس پهچي اسان جي موقف ٻڌڻ بنا متاثر مريض کي کڻي ٿاڻي پهتا جتي هن جي طبيعت خراب ٿيڻ تي ٻيهر علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ سرڪاري اسپتال ڪوس گهر بڻجي ويا آهن جتي علاج لاءِ مريضن کي هٿ سان موت جي منهن ۾ ڌڪيو پيو وڃي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جاچ ڪري لاپرواهي ڪندڙ سول لائين پوليس ۽ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او ۽ اسپتال جي ايم ايس موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button