سنڌ

ڊکڻ ويجهو وڌندڙ بدامني تي ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ڊکڻ ويجهو غلام شاهه ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڳوٺاڻن جنت شاخ وٽ رتوديرو-جيڪب آباد روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مظاهرين غلام شاهه ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني تي غلام شاهه ٿاڻي جي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن حاجي نور حسن جکراڻي، گلاب جکراڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته جنت شاخ وٽ رات دير سان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي اسان جي نوجوان اياز جکراڻي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي. غلام شاهه ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي آهي پر غلام شاهه پوليس امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته اسان جي حد ۾ ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن. ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين اختياريون فوري طور تي نوٽيس وٺن، ان موقعي تي غلام شاهه پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button