سنڌ

قمبر ۾ گئس بندش خلاف شهرين جو گئس اڳيان توا ٽنگي احتجاج

قمبر ۾ گئس جي بندش خلاف شهرين سوئي گئس آفيس اڳيان توا ٽنگي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سراج الدين چانڊيو، فدا ميراڻي، عابد ميمڻ، غلام محمد چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته گذريل ڪيترن مهينن کان شهر جي مختلف محلن بروهي محلو، باگوديرو محلو، شيخ محليڪ، ميراڻي محلي، برڪت شاهه، غريب آباد محلي سميت شهر جي اڌ آبادي وٽ گئس جي فراهمي بند پيل آهي، جڏهن ته گئس آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون گئس آفيسر سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا. ھنن چيو ته شهر جي ڪيترن ئي محلن ۾ گئس نه هجڻ ڪري گهرن ۾ رڌ پچاءَ ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي پر گئس انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جلد شهرين کي گئس جي سهولت ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button