سنڌ

تيل ۽ گئس ڏيندڙ سر زمين جا وارث ننڌڻڪا آهن:اياز لطيف

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، سيما آزاد قاسم آباد جي علائقي بينظير ڪالوني، سحرش نگر جو دورو ڪري ٻوڏ متاثرن کي راشن، بسڪيٽ، کير، جوس، پيمپر، پاڻي، نمڪو، ڪپڙا ۽ ٻيون شيون ڏنيون. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته تيل، ڪوئلي ۽ گئس جي پيداوار ڏيندڙ سر زمين جا وارث ننڌڻڪا بڻايا ويا آهن، حڪومت جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي سزا سنڌ جو عوام برسات ۽ ٻوڏ جي تباھي جي صورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي، سڀ ڪجھه وڃائي روڊن ڀرسان دربدر ماروئڙا خطرناڪ بيمارين وگهي مري رهيا آهن. سنڌ حڪومت گم آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ م لڳي ٿو ته حڪومت نالي ڪا شئي ناهي. سنڌ حڪومت جون موجون ٿي ويون آهن، سنڌ ٻڏل آھي ۽ ھنن لاءِ ھي کائڻ ۽ لُٽڻ جي موسم آھي. ھو انتظار ڪندا آھن ته ماڻھو مرن، بيمار ۽ دربدر ٿين ته ھو مال ڪمائين، سڄي سنڌ ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري 90 سيڪڙو متاثر ٿي آھي پر سنڌ حڪومت لاتعلق بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button