سنڌ

سجاول ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارن لا ڊي سي هائوس آڏو ڌرڻو

سجاول ۾ ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پگھار نه ملڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر ھائوس اڳيان مظاھرو ڪري سجاول – ڪراچي روڊ قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ٽائون ڪميٽي ملازمن يوسف مسيح، خدابخش ڪونجڙو، جارج مسيح، نادر مسيح، پطرس مسيح، الله ڏتا ۽ ٻين چيو ته اسان کي سنڌ حڪومت جي اعلانيل گھٽ ۾ گھٽ 25 ھزار روپيا پگھار ڏيڻ بدران 12 ھزار روپيا ڏنا ويندا هئا جن مان بہ 2-3 ھزار روپيا ڪٽوتي ڪئي ويندي هئي ۽ ھاڻي ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا اسان کي ڪٽوتي واري پگھار به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جنھن ڪري اسان ۽ اسان جا ٻار فاقاڪشي تي مجبور آهيون. سخت گرمي ۾ احتجاج سبب ھڪ عورت ملازم سميت 2 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. ٻئي طرف سجاول پوليس پھچي ٽائون ڪميٽي ملازمن جو زبردستي احتجاج ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي پوليس ۽ مظاھرين ۾ چڪريون پڻ ٿيون ۽ ملازمن روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ڊي سي سجاول ۽ ٽائون آفيسر اسان وٽ اچن ۽ اسان سان ڳالھيون ڪن، جنھن کانپو روڊ کوليو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button