سنڌ

حيدرآباد ۾ ايس ايس ٽي جو فيسون معاف ڪرائڻ لا مظاهرو

اعليٰ تعليمي ادارن جون سالانا فيون ۽ انٽري ٽيسٽ فيس معاف ڪرائڻ، شاگردن کي فورن فلڊ اسڪالرشپون ڏيڻ، جن شاگردن جون مارڪشيٽون ۽ سرٽيفڪيٽ ٻڏي ويا آهن، انھن کي ڊپليڪيٽ سرٽيفڪيٽ مفت ۾ جاري ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، ايس ايس ٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، سنڌي شاگرد تحريڪ حيدرآباد ضلعي جي آرگنائزر سميع ابڙو، راجا الطاف، اياز صالح پليجو، عرفان لاشاري، ڪبير ڀيل ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تھ ھن وقت سموري سنڌ حڪمرانن جي نااھلي ۽ بد انتظامي سبب ٻڏل آھي. ھزارين گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جن جو ڌرتي تي نالو نشان ناھي رھيو، جنھن ۾ ماڻھن جو الھه تلھه لڙھي ويو آھي، انتھائي ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ سنڌ جا ھزارين شاگرد سخت متاثر ٿيا آھن، شاگردن جون تعليمي مارڪشيٽون، پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙھي ويون آھن، ھزارين شاگرد پنھنجي مائٽن سميت دربدر آھن. هنن مطالبو ڪيو ته شاگردن جون فيسون فورن معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button