سنڌ

ڏوڪري ويجهو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ ڪري ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن گلاب شيخ، گلزار احمد، علي حسن، عبدالحميد، قمر الدين، نور محمد، آصف علي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته برسات ۾ سخت متاثر ٿيندڙ ڳوٺ حڪيم سنديلي جا غريب ماڻهو فيملين سميت کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن پر پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن سميت حڪومت کان ملندڙ امدادي سامان غريب متاثرن کي ڏيڻ بدران ڪجھه من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن جن جا پڪا گهر ٺهيل آهي، جڏهن ته غريب ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ متاثر ماڻهو بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن جن کي ٽينٽ، مهارا ۽ راشن جي سخت ضرورت آهي انهن جي واهر ڪرڻ لاءِ ڪير لڙي به ناهي آيو ۽ نه ئي ڪنهن انهن جي مدد ڪئي آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته متاثرن جي واهر ڪري امدادي سامان سرڪاري آفيسرن هٿان ورهايو وڃي ته جيئن حقيقي متاثرن کي ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button