سنڌ

ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي ڳوٺاڻن جي واهر نه ٿيڻ تان ڳوٺ احمد آباد کوسو. ڳوٺ علي نواز شاھه، ڳوٺ گل حسن لهڙي جا رهواسي روڊن تي نڪري ڳوٺاڻن عمران کوسو، محمد بخش ٽانوري، نبي بخش کوسو، گل حسن لهڙي، پير بخش بروهي، غلام نبي ڪٽوهر ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو آهي ته برسات سبب اسان جا گھر ڊھي پيا، ساريالو فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويو، مال متاءُ به مري ويو آهي پر چونڊيل نمائيندن واھر به ناھي ڪئي ۽ مختيار ڪار ٺل اسان کي خيما، راشن سميت ڪجهه به ناهي ڏنو. اسان کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهيون. اسان جا معصوم ٻارڙا گيسٽرو ۽ مليريا جي ور چڙهي ويا آهن، صحت کاتي پاران ڪا ميڊيڪل ڪئمپ نه لڳائي وئي آهي. ھنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي مطالبو ڪيو ته راشن ۽ خيما ڏيئي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button