سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثر پيرسن ٻار وڪرو ڪرڻ لائي هوڪا ڏيندو رهيو

لاڙڪاڻي شهر جي بازيگر پل واري علائقي جي رهواسي برسات متاثر پيرسن واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ٻار کپائڻ جا هوڪا ڏئي انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پيرسن نورل چانڊيو پنهنجي ٻارن سمير علي، امير علي ۽ ظهير چانڊيو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مان انتهائي غريب آهيان، تازو پيل برساتن سبب منهنجو گهر ڊهي پٽ ٿي ويو آهي، پر افسوس جو حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا منهنجي ڪا مدد ناهي ڪئي، جڏهن ته هن وقت منهنجا ٻچا بکن تي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جنهن ڪري مان ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان. هن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button