سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سوئي گئس جي ننڍن ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ سوئي گئس جي ننڍن ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ملازمن نجيع الله ڪوريجو، مختيار علي گوپانگ، امام بخش گوپانگ، درگاھي خان ڪلهوڙو، علي گوھر سانگي، غلام عباس گوپانگ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان 239 ملازم سوئي گئس ڪمپني ۾ 1995 ۾ چوڪيدار طور ڀرتي ٿيا ھئاسين اسان جون ڊيوٽيون سوئي گئس جي مختلف اسٽيشن تي لڳايون ويون آهن ۽ اسان کي سوئي گئس ڪمپني پاران پنهنجي ملازم ٺيڪيدارن حوالي ڪيو ھو، جيڪي اسان کي گهٽ پگهار ڏين ٿا جنهن سان گهر جو گذر سفر نه پيو ٿئي، پگهارون وڌائڻ لاءِ بار بار شڪايتون ڪيون پر سوئي گئس ڪمپني جي عملدارن نوٽيس وٺڻ ضروري نه سمجهيو جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ھنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان جي پگھار وڌائي ٺيڪيداري نظام ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ بونس ۽ جائز مراعتون ڏنيون وڃن ته جيئن ھن مھانگائي دور ۾ گهر جو گذر سفر بھتر نموني ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button