زرعي ترقياتي بئنڪ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيل هارين کي رليف ڏيڻ خاطر 20 ارب رپين کان وڌيڪ جا زرعي قرض هڪ سال لا اڳتي وڌائي ڇڏيا آهن، جيڪي هلندڙ سال وصول نه ڪيا ويندا. مليل ڄاڻ موجب زرعي ترقياتي بئنڪ طرفان ٻڌايو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ زرعي قرض في الحال هڪ سال تائين نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آفت سٽيل قرار ڏنل علائقن ۾ موجود هارين کان قرضن جون قسطون وصول نه ڪيون وينديون، هن رليف مان 57 هزار هاري ۽ آبادگار فائدو وٺي سگهندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close