سنڌ

قمبر ۾ واهر نه ٿيڻ تي ٻوڏ متاثرن جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي قمبر جي با پاس روڊ تي ٽينٽ سٽي ۾ هزارين ترسيل ٻوڏ متاثرن جون دانهون ضلعي انتظاميا پنهنجي من پسند ماڻهن کي رات جي پيٽ ۾ خيما ۽ راشن پهچائن ٿا. بي پهچ ٻوڏ متاثر سورن ۾ آهن. هنن دانهيندي چيو ته محمد صالح چانڊيو، رحمت ميرجت، عظيمان خاتون، زينب چانڊيو، عرفان علي ۽ ٻين چيو ته اسان ٻهراڙي جي مختلف ڳوٺن کان ٻوڏ ۾ لڏپلاڻ ڪري شهر جي روڊن رستن اسڪولن ۾ ويٺل آهيون. هڪ خيمي اندر ٽي چار فيمليون رهن ٿيون، تمام گهڻي مشڪل ۾ آهيون، هڪ وقت جو کاڌو ملي ٿو ته ٻي وقت لاءِ ڌڪا ملن ٿا. ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي خيما مڇر دانيون ڏنيون وڃن ته جيئن بک ۽ بدحاليکان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button