سنڌ

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مهانگائي جي به ٻوڏ،اٽو 125 رپيا ڪلو ٿي ويو،اگهه 200 تائين پهچڻ جو خدشو

سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ اٽي جو اگهه ڏسندي ئي ڏسندي 125 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن سنڌ ۾ اٽي جي قيمت 200 رپيا ڪلو تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ اٽي جي بحران شدت اختيار ڪري ورتي آهي، ڪراچي ۾ اٽو 120 کان 125 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، واپاري ۽ هول سيلر اٽي جو اگهه وڌڻ کي پنجاب ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي ڪيل اعلان سنڌ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ هڪدم 45 رپين جي اضافي جو نتيجو قرار ڏئي رهيا آهن. ملڪ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ هڪ هفتي اندر 15 ڪلو وارو اٽي جو ٿيلهو 250 رپين جي واڌ بعد 1300 مان 1550 رپيا ٿي ويو آهي. حيدرآباد ۾ اٽي سان گڏ کير به مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن شهرين کي مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا آهن. حيدرآباد جي چڪي مالڪن اٽي جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي آهي. ريزڪي دڪانن تي اٽو 130 رپين تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، فلور ملن ۽ چڪين تي اٽو 115 رپين کان 120 رپين تي پھچي ويو آهي. فلور ملن ۽ اٽي چڪين جي مالڪن جو چوڻ آھي ته خوراڪ کاتي طرفان وقت سر ڪڻڪ نه ملي رھي آھي، جنھن سبب بحران وڌڻ جو امڪان آھي، ذريعن موجب چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن اٽي جي اگهه ۾ هٿرادو واڌ ڪئي آهي. ريزڪي دڪاندارن موجب کين فلور ملن ۽ چڪين تان ئي اٽو مھانگو ملي رھيو آھي، جنھن سبب اٽي جي قيمت ۾ 20 کان 30 رپين تائين واڌ ٿي آھي، مھانگائي جي طوفان اسان دڪاندارن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آھي. حيدرآباد شهر ۾ کير به 180 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڊي سي توڙي ٻين ضلعي عملدارن ڪو نوٽيس نه ورتو آهي. ڪراچي ۾ چڪي جو اٽو 120 کان 125 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو. مل مالڪن 15 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 100 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ هفتي ۾ 15 ڪلو اٽي جي قيمت 250 رپيا وڌڻ بعد 13 سئو کان 1550 رپيا ٿي وئي آهي. ڪراچي جي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته فلور ملن تان ٻوڏ متاثرن لا اٽي جا ٽرڪن جا ٽرڪ خريد ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب شهر ۾ اٽي جي کوٽ پيدا ٿي آهي ۽ في ڪلو اگهه ۾ 10 رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي. 115 رپيا ملندڙ اٽي جو اگهه هاڻي 125 رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته تندور واري ماني 20 رپيا ۽ چپاتي 15 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان ڪراچي هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالرئوف ابراهيم خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته امدادي قيمت وقت کان اڳ مقرر ڪري وچ وارن بروڪرز کي فائدو پهچايو ويو آهي، ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ واڌ سبب سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي ٿي آهي، صوبائي حڪومت کان درخواست آهي ته اٽي جا اگهه گهٽائڻ لا ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر ڪڻڪ جي ڪوٽا جاري ڪئي وڃي، جيڪڏهن ساڳي صورتحال رهي ته سنڌ ۾ اٽي جو اگهه 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي سگهي ٿو. ٻئي طرف لاهور ۾ چڪي تي تيار ٿيندڙ اٽي جي في ڪلو اگهه ۾ 8 رپيان تائين واڌ ڪئي وئي، جنهن بعد اٽو 108 رپين بدران 116 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، اٽي چڪي مالڪن موجب ڪڻڪ جي هڪ مڻ قيمت 3600 تائين پهچي وئي آهي، جنهن ڪري اٽي جي اگهه ۾ اضافو ڪرڻ تي مجبور آهيون. ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به اٽو هاڻي غريب جي خريد ڪرڻ کان چڙهي ويو آهي، ڪوئيٽا ۾ هڪ هفتي اندر اٽي جي اگهه ۾ 350 رپيا في مڻ اضافو ٿيو آهي، پشاور سميت خيبر پختونخوا جي ٻين شهرن ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 50 رپيا اضافي بعد 2100 رپين تائين پهچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button