سنڌ

ميان صاحب ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن قتل، وارثن جو ڌرڻو

ميان صاحب ويجهو ڪلر برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي پيرسن حڪيم داد ڪلر کي قتل ڪري ڇڏيو. سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي دوست شاخ لڳ موٽر سائيڪل تي شڪارپور ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ ويندڙ 58 ورهين جي پيرسن حڪيم داد ڪلر کي هٿياربندن گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. پنج سال اڳ شروع ٿيل تڪرار ۾ هيستائين مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ايمبولينس نه ملڻ سبب پڪ اپ ۾ کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سلطان ڪوٽ اسپتال پهچايو، مقتول جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن سلطان ڪوٽ ٿاڻي لڳ شڪارپور – جيڪب آباد قومي شاهراهه تي لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري واقعي خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان مسافر گاڏيون بيهجي ويون، جنهن بعد سلطان ڪوٽ، ميان صاحب پوليس پھچي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. جنهن بعد مقتول جو مڙهه ميان صاحب ويجهو ڳوٺ اوٺي پير آندو ويو. مڙهه کي آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي مقتول جي پي عمران علي جي فرياد تي ڪلر برادري جي غلام فريد ڪلر، دلبر، ڪوڙل، شاهنواز، شيرمحمد ۽ عورت سسئي زال رتو ڪلر سميت 9 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. پوليس عورت جوابدار سسئي واقعي واري هنڌان گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا. واضح رهي ته ميان صاحب ويجهو ڪلر برادري جي مقتول رئيس دين محمد ڪلر ۽ مقتول رئيس رتو ڪلر ۾ تڪرار ڪارنهن مامري تان پنج سال اڳ شروع ٿيو، جنهن ۾ رئيس دين محمد ڪلر، رئيس رتو ڪلر سندس پٽ نياز ڪلر، اصغر ڪلر، اسماعيل ڪلر، حڪيم داد ڪلر سميت ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا مارجي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button