سنڌ

مدئجي ويجهو پوليس جي چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن جي مبينا تشدد

مدئجي ويجهو ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ تي پوليس چڙهائي ڪري گهر گهر تلاشي وٺندي عورتن ۽ ٻارڙن تي مبينا تشدد ڪيو. مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ تي ايس ايڇ او ڳاهيجا جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن چڙهائي ڪري جتوئي برادري جي گهرن ۾ گهڙي گهر گهر تلاشي ورتي، جنهن دوران اهلڪارن عورتن ۽ ٻارڙن مٿان مبينا تشدد ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، جنهن کانپو اهلڪارن کي ڪو مرد هٿ نه اچڻ تي پوليس گهرن ٻاهران بيٺل ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳاهيجا عبدالستار ميمڻ چيو ته ٽي ڏينهن اڳ جتوئي برادري جي هٿياربندن جي فارنگ ۾ قتل ڪيل بهارو جتوئي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لا چڙهائي ڪئي، قتل ڪيس جا جوابدار هٿ نه اچڻ تي ڪجهه ڍور ڪاهي آيا آهيون، جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪارروايون جاري رهنديون. ٻئي طرف ڳوٺاڻن جو چوڻ هوته اسان جو بهارو جتوئي جي قتل سان ڪو واسطو ناهي، پوليس ناحق اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪرڻ بعد گهرن ۾ بيٺل ڍور به ڪاهي وئي آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button