سنڌ

ڊگهڙي ويجهو برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڊگهڙي ويجهو برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف ٽنڊو جان محمد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي متاثرن ناگجي بجاڻو، ڏايو بجاڻو، شريمتي ڪڪلان ڀيل، ريشم بجاڻو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته اسان ڪافي ڏينهن کان کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽي رهيا آهيون. اسان جي سامهون تعلقي انتظاميا من پسند ماڻھن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏئي رهي آهي پر اسان جيڪي حقيقي متاثر آهيون انهن کي ڪافي ڏينهن کان ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيا آهن. اسان جا ڪارڊ وٺي ڪوڙيون لسٽون ٺاهيون ويون پر اسانکي اڃان تائين ڪو رليف فراهم ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته روڊ رستن ۽ شاخن جي ڪپرن تي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بکون ڪاٽي رهيا آهيون پر انتظاميا ڪا واهر ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button