سنڌ

ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻارڙو بازياب،3 جوابدار گرفتار

سيپٽمبر تي ڀنگ لاءِ اغوا ٿيل 9 سالن جي عبدالله اينٽي وائلينٽ ڪرائيم سيل ڪراچي پهلوان ڳوٺ مان بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ڪارروائي دوران اغوا ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا، ڀنگ جي رقم جي مطالبي ۾ استعمال ٿيندڙ موبائيل فون به تحويل ۾ ورتي وئي. اغوا ڪندڙن 9 سالن جي عبدالله پٽ شفيق الله کي سرجاني جي علائقي لڳ بلال مسجد سيڪٽر 4 اي مان 13 سيپٽمبر تي اغوا ڪيو، جنهن جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن جي خلاف داخل ڪيو ويو، اغوا ڪندڙن پاران 14 سيپٽمبر تي 25 لک ڀنگ گهريو ويو ۽ گذريل ڏينهن ڀنگ جي مد ۾ 30 لک جي رقم لاءِ ڪال ڪئي. اينٽي وائلينٽ ڪرائيم سيل ڪراچي جي ٽيم ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي ٽن ڏينهن ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري مغوي کي حفاظت سان بازياب ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button