سنڌ

جمهوريت جي ڪمزوري جو سبب اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت آهي:سراج الحق

امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي ڪمزوري جو وڏو سبب اسٽيبلشمينٽ جي سڌي يا اڻ سڌي مداخلت آهي. پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار کان سواءِ هڪ هفتو به نه هلي سگهنديون، ٻنهي طرفن جي ويڙهه ملڪي ترقيءَ لاءِ نه پر اسٽيبلشمينٽ کان کير جي بوتل وٺڻ لاءِ آهي، جنهن کان بوتل کسي وڃي ٿي ته پوءِ اهو روئڻ شروع ٿئي ٿو. اها راند ستن ڏهاڪن کان هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ پاڻ اعتراف ڪيو ته اها اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان حڪومت ۾ آئي، تازو پي ڊي ايم جي حڪومت به اهڙي ئي طريقي سان ٺهي هئي. هن چيو ته سياسي پارٽيون اقتدار ۾ اچن ٿيون ۽ مصنوعي آڪسيجن تي ڀروسو ڪن ٿيون. جماعت اسلامي جي تجويز آهي ته اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن کي غيرجانبدار هجڻ گهرجي، سياسي پارٽيون قومي ادارن کي سياست ۾ نه آڻين. هو تيمره گره ۽ دير پائين ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي جي تجويز آهي ته جيئن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري خودڪار نظام تحت ٿيندي آهي اهڙو ئي نظام آرمي چيف جي مقرري لاءِ به جوڙيو وڃي. هن چيو ته دفاعي اسٽيبلشمينٽ جي سربراهه جي مقرري جا وزير اعظم جا صوابديدي اختيار ختم ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته وزيراعظم سياسي شخصيت آهي هو لکين اعلان ڪري ته هو سياسي مفادن لاءِ آرمي چيف جي مقرري نه ڪندو پر پوءِ به اهو ممڪن ناهي ڇو ته سياستدان هميشه پنهنجا مفاد ڏسي فيصلو ڪندو آهي، جنهن جا مثال ماضي ۾ آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري جو نظام پارليامينٽ ٺاهيو آهي اهڙي طرح پارليامينٽ کي آرمي چيف جي مقرري جو طريقيڪار طئي ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button