سنڌ

پيناڊول گوري ناياب ٿيڻ جا بنيادي ڪارڻ سامهون اچي ويا

ملڪ پيناڊول گوري جي ناياب ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ پينا ڊول ۾ استعمال ٿيندڙ لوڻ جي اگهه ۾ واڌ، ڊينگي ڪيسز سبب جي گهرج ۾ اضافو ۽ ذخيرا اندوزي آهي. پاڪستان فارما سوٽيڪل مينو فيڪچررز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پيناڊول گوري کوٽ جو شڪار آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته ان ۾ استعمال ٿيندڙ لوڻ جي درآمد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جيڪو لوڻ ڇهه سئو رُپيا في ڪلو تي ملندو هو، اهو هاڻ 2400 رُپيا في ڪلو تي ملي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ سالياني بنيادن تي 45 ڪروڙ گورين جي پيداوار ڪئي ويندي آهي، جيڪا ڪمپني اها دوا ٺاهي رهي آهي ان طرفان اگهه وڌائڻ جي درخواست باوجود حڪومت قيمت نه وڌائي، جنهن سبب ڪمپني کي نقصان ٿيندو رهيو ۽ انهن گوري جي پيداوار گهٽائي ڇڏي آهي. صحت جي ماهرن ۽ ان شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن موجب ڊينگي بخار جي ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ ان جي گهرج تمام گهڻي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن بعد هول سيلرز مافيا پيناڊول ڊول جي ذخيرا اندوزي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي مارڪيٽ ۾ کوٽ پيدا ڪري وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، پيناڊول 100 گورين جو هڪ پيڪٽ 350 رُپين ۾ ملندو هو، جيڪو هاڻي هڪ هزار رُپين ۾ ملي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button