سنڌ

مدئجي پوليس اٽالن جي گهر تي چڙهائي، عورتن تي تشدد، ٻارڙي بيهوش

مدئجي جي شيخ محلي جي رهواسي دلدار عرف پپن جتوئي جي گهر تي مدئجي پوليس رات جي وقت چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر ۾ ڪاهي پئي. پوليس گهر ۾ گهڙي تلاشي بهاني گهر ۾ ستل عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ته گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. جنهن دوران هڪ نينگري 8 ورهين جي دعا جتوئي بيهوش ٿي وئي، جنهن بعد پوليس اهلڪار واپس موٽي ويا. ان سلسلي ۾ گهر ڀاتين عبدالستار، قادر جتوئي، گلزار جتوئي، سرداران خاتون ۽ ٻين پوليس خلاف دانهيندي چيو ته مدئجي ٿاڻي جي اهلڪارن احسان بروهي، عاشق ڪيهر ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي ننڊ ستل عورتن توڙي مردن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. اسان جو برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان پوليس گهر ۾ گهڙي ناحق ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس چار ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان پپن جتوئي کي گرفتار ڪيو هاڻي وري گهر ۾ گهڙي ننڊ پيل عورتن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس تشدد ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگري دعا جتوئي بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button