سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مسيحي برادري جو قبرستان مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي گوليمار گھٽي لڳ پراڻي مسيحي برادري جي قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ توڙي مک گيٽ جي چوري ٿيڻ واري عمل خلاف مسيحي برادري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين مسيحي برادري حڪومت بيگ، وائيس چيئرمين خوشي پترس مسيح، چوڌري مسيح، يوسف مائيڪل، پرويز مائيڪل، نعيم خوشي ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته برساتن کي مهينو گذري ويو پر هن وقت تائين قبرستان مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو، بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو تدارڪ نه ٿيو، ويتر قبرستان جي مک گيٽ ۾ لڳل هڪ لک 30 هزار ماليت جي گيٽ ۽ ٻيو سامان بااثر ٺيڪيدار چوري ڪري کڻي ويو آهي. هنن پيپلزپارٽي جي قيادت، ضلعي انتظاميا، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي چوري ٿيل گيٽ ۽ سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button