سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مينهل آباد واسين جو بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ مينهل آباد واسي بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت سليم شيخ پنهنجي ما رضيه ڀينرن زينب ۽ ڪرن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مائٽن سان معمولي ڳالهھ تان جهيڙو ٿيو، جنهن کان پوءِ ڪالهه رات منهنجي غيرموجودگي مائٽ محرم شيخ جي پٽ بابر شيخ ساٿي رحيم گوپانگ ۽ ٻين سان گڏجي گهر ۾ گهڙي والد علي شير شيخ، امڙ رضيه، ڀينرن ڪرن ۽ زينب کي مارڪٽ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن تي پوليس چيو ته اسان جو ٿاڻو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي اوهان دڙي ٿاڻي تي وڃي جتي وڃي اين سي داخل ڪرائي ۽ اتي پوليس تيل جا پئسا گهرڻ تي 500 اسان پوليس کي ڏنا پر ان باوجود هن وقت پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته فوري نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button