سنڌ

ڳڙهي حسن ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڳڙهي حسن ويجهو برسات متاثر واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. برسات متاثر ڳوٺ عزيز الله کوسو، ڳوٺ پاندي خان کوسو، ڳوٺ دلمراد بگٽي، ڳوٺ غلام حيدر کوسو، ڳوٺ هيئرالدين کوسو جي رهواسين در محمد کوسو، عبدالصمد کوسو، حبيب الله کوسو، صوبو کوسو، بشير کوسو، عبدالرزاق کوسو، حضور بخش کوسو، محمد خان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري باهو کوسو جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو. متاثر ڳوٺاڻن دانهيدي چيو آهي ته کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون، سندس ڪا واهر ناهي ٿي سگهي. هنن چيو راشن ۽ خيما من پسند ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا. رات جي پيٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ٺل وڪرو ڪري بلوچستا بارڊر ڪراس ڪرائين ٿا ۽ اسان جي ڳوٺن جي بدترين حالت آهي ۽ اسان جي ڪو داد رسي نٿو ڪري. هنن چيو ته ميڊيڪل ڪئمپ نه ٿي لڳائي وڃي، گيسٽرو، مليريا سبب سوين ٻارڙا بيمار آهن، بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاريون ٿيا. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button