سنڌ

تنگواڻي ويجهو ڳوٺاڻن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

تنگواڻي ويجهو ڳوٺ اسماعيل جعفري جي ڳوٺ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. برسات سبب ڳوٺ جا ڪيترائي گهر ڪري پيا. واهر نه ٿيڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن محمد اسماعيل جعفري، محمد علي، محمد يعقوب ۽ غلام مصطفى جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته برسات ۾ اسان جو وڏو نقصان ٿيو آهي، برسات ۾ ڳوٺ جا سڀ گهر ڪري پيا فصل به تباهه ٿي ويا آهن، اسان کي هن وقت تائين ٽينٽ ۽ راشن به ڏنو ويو آهي. ڊي سي ڪشمور من پسند ماڻهن کي سڀ ڪجھه ڏيئي رهيو آهي اسان هن وقت نٽهڻ اس ۾ ويٺا آهيون پر ڪنهن سار نه لڌي آهي. اسان اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا اسان جي واهر ڪري ڳوٺ جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button