سنڌ

قبوسعيد ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قبو سعيد خان: قبوسعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ ٻوڏ متاثرن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر مظھر پنھور، ڪامريڊ عيسيٰ مگسي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ٻوڏ کي 20 ڏينھن گذري ويا آهن، ھن مهل تائين نه راشن ڏنو ويو نه ٽينٽ مليا نه پاڻي نيڪال ٿي سگھيو آهي، نه ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا چونڊيل نمائندا ٻوڏ متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏي مسلسل منظر عام تان غائب آھن. اڳواڻن پاڪ فوج، فلاحي ادارن، رينجرز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪري بک بدحالي کان بچايو وڃي ۽ علائقي مان پاڻي نيڪال ڪري ڏنو وڃي جيئن ٻوڏ متاثر پنھنجي ڊٿل اجھن اڳيان ڪکاوان گھر اڏي سک جو ساھه کڻي سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button