سنڌ

آبادگار بخشاپور مائينر کي لڳل گهارو پاڻ بند ڪرڻ ۾ مصروف

بخشاپور: آبادگارن ڪرين مشين گھرائي پنهنجي مدد پاڻ تحت بخشاپور مائينر کي لڳل گھاري کي بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ آبادگارن ممتاز علي ڊومڪي، زبير احمد، معشوق علي، قاسم، علي حسن، محسن علي، عارف علي، سراج علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل 20 ڏينهن کان بخشاپور مائينر کي 30 فوٽ گھارو لڳل آهي، آبپاشي عملدارن آڏو دانھون ڪري ٿڪجي پيا آھيون ۽ آبپاشي عملو ھن مھل تائين گم آهي. آبادگارن آبپاشي عملدارن داروغي حبيب الله ۽ انجنيئر طارق مھر مٿان الزام مڙھيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن طارق مھر ۽ حبيب الله بخشاپور مائينر جي گھاري کي بند ڪرڻ لا ڳري رشوت طلب ڪئي آهي جيڪا اسين مسڪين آبادگار نٿا ڏئي سگھون. ھنن چيو ته ظلم جي انتھا ٿي وئي آهي ھڪ اڳ ئي برسات سبب تباھه ٿي ويا آھيون مٿان وري آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت ڪري پاڻي جي کوٽ سبب فصل سڪي رھيا آهن. آبادگارن وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور رشوت طلب ڪندڙ عملدارن طارق مھر ۽ حبيب الله کي نوڪرين مان ھٽائي انڪوائري ڪرائي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button