پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري چيو آهي ته بي وس آھيان، ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. ماڻھو غذائي کوٽ جي ڪري مرن پيا. لاش لڙھن پيا. ڪير ٻڌڻ وارو ناھي. اين جي اوز ۽ سرڪار جيڪو راشن موڪليو، اھو ڊي سي گم ڪري ڇڏيو آھي. خيرپورناٿن شاهه شھر ٻوڙائڻ ۾ اھم ڪردار ڊي سي دادو، چيف انجنيئر اريگيشن ۽ ايڪسين جو آھي. انھن جي نااھلي جي ڪري خيرپورناٿن شاهه شهر ٻڏي ويو. ماڻھو بيمارين ۾ تڙپن پيا. لاش لڙهندا رهن ٿا. ڊي ايڇ او سميت سموري انتظاميا ماڻھن جي مدد ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. ٻوڏ متاثرن جي ڪير دانھن ٻڌڻ وارو ناھي. هن اهڙو اظهار پنهنجي رهائشگاهه لغاري ھائوس سيتاروڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. عرفان ظفر لغاري وڌيڪ چيو ته بار رائس ڪئنال بند ڪرڻ ۽ خداواهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مشينري جي گھر ڪئي پر ھنن ھٿ سان خيرپورناٿن شاهه شھر ٻوڙايو. مان ۽ پ پ اڳواڻ زبير جوڻيجو آخري ڏينھن تائين شھر بچائڻ جا جتن ڪيا، پاڻ بندن تي گشت ڪندا رھياسين پر انتظاميا ڪو سھڪار نه ڪيو. شھر ٻوڙائڻ جا ذميوار اهي 3 آفيسر آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close