خيرپور ناٿن شاهه ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان پاڻي نيڪال ڪري شهرن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي. ٻوڏ متاثرن کي مليريا، گيسٽرو، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين کان بچائڻ لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون ۽ مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي. اهڙو اظهار عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لال شاهه پارٽي جي مرڪزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻ خادم ٽالپر، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، شهزادي ڀرڳڙي، ڪليم ملڪ، پروفيسر امير گل ڪٽوهڙ، وجدان سراج سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻوڏ متاثرن جي بهتر نموني سان پرگهور نه ٿيڻ ۽ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيل علائقن مان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف عوامي جمهوري پارٽي جي ڪنوينرشپ هيٺ ۽ سنڌ پروگريسو ڪميٽي طرفان سڀاڻي 18 سيپٽمبر 2022 تي اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ پارٽي طرفان ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close