سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ڊي ٽين پليجو ھائوس قاسم آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي شاگرد تحريڪ پھرئين ڏينھن کان مطالبو ڪري رهي آهي ته سنڌ جي اعلى تعليمي ادارن جون سالانه فيون معاف ڪيون وڃن. نئين سال جي داخلا ٽيسٽ (انٽري ٽيسٽ) فيس معاف ڪرڻ، شاگردن کي فلڊ رليف اسڪالرشپون ڏيڻ، گورنمينٽ ھاسٽلن ۾ شاگردن کي مفت رھائش ڏيڻ، نجي ھاسٽلن جي شاگردن کي سرڪاري هاسٽلن ۾ شفٽ ڪرڻ ۽ ڪينٽينن تي کاڌو سستو ڪرڻ لا جدوجھد جي ميدان ۾ آھي. ان ڏس ۾ 22 سيپٽمبر کان 28 سيپٽمبر تائين مٺي، اسلام ڪوٽ، ٺٽو، گولاڙچي، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويندا. پهرين آڪٽوبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ غلام علي زئور، علي رضا جلباڻي، سميع ابڙو، امجد سرگاڻي، اياز صالح، ڪبير ڀيل، ڪاشف ملاح، نويد عباس، مرتضى چانڊيو، صدام ٻٻڙ، مرتضى پرھياڙ، حميد تنيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close