سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو برسات متاثر پورهيت جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو اوٺا چوڪ واري علائقي جي رهواسي برسات متاثر پورهيت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. پورهيت نورالدين سرگاڻي گهرواري شهناز، نياڻي عرفانه، پٽن تنوير، جواد ۽ حسنين سرگاڻي سان گڏجي دانهيو ته مزدوري ڪري گهرواري سميت 8 ٻارڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، برسات دوران گهر ۾ پاڻي جمع ٿي ويو ۽ پنهنجي گهرڀاتين کي گهران ڪڍي لاڙڪاڻو-خيرپور روڊ تي رهان پيو، گذريل ڏينهن بقاپور پوليس اچي اسان کي روڊ تان اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي ڌمڪيون ڏنيون. هن چيو ته اسان جي ڪا واهر ناهي ٿي نه اسان کي ٽينٽ ڏنو ويو ۽ نه ئي وري راشن ڏنو آهي، جڏهن ته گهر ۾ بيٺل برسات جو پاڻي به نيڪال ناهي ڪرايو ويو، جيڪو ظلم آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي گهر ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن مان پنهنجو جهڳو ٻيهر تعمير ڪرائي سگهان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button