سنڌ

قمبر ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن ڊي اي او ۽ ٽي اي او ايجوڪيشن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سميع الرحمان تنيو، نبيل سومرو، عبدالوهاب گوپانگ، جمال ناصر لاکو، تنوير گوپانگ، نجيب الله مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته تعليم کاتي جا عملدار خالي پيل پوسٽون ظاهر نٿا ڪن، جيڪو غلط عمل آهي. اسان کي ٽيسٽ پاس ڪندي ڪيترائي مهينا گذري ويا پر آفيسر سکڻا آسرا ڏئي رهيا آهن. هنن تعليم واري صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button