سنڌ

دوداپور ويجهو پوليس جي مبينا ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

دوداپور ويجهو ڪلر برادري سلطان ڪوٽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. دوداپور ويجهو ڪلر برادري جو سلطان ڪوٽ پوليس خلاف غلام سرور ڪلر ۽ شاهه محمد ڪلر جي اڳواڻي ۾ دائوجهانپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته پنهنجي برادري جي علي گل ڪلر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي پر 3 ڏينهن اڳ سلطان ڪوٽ ڀرسان قتل ٿيل حڪيم داد ڪلر جي قتل ۾ ملوث ناهيون. پوليس اسان جي مخالف ڌر کان پئسا وٺي حاضري تان موٽندڙ اسان جي پيرسن عورت سسئي ۽ چئن ورهين جي فرمان علي ڪلر کي سلطان ڪوٽ پوليس کنڀي کڻي وئي ۽ اسان مٿان پڻ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جيڪا ناجائزي آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف انڪوائري ڪري ڪيس خارج ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button