مدئجي ويجهو ڳوٺ ڳاهيجا جي رهواسي چنگچي رڪشا ڊرائيورن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مدئجي ويجهو ڳوٺ ڳاهيجا جي رهواسي چنگچي رڪشا ڊرائيورن سڪندر علي ابڙو، جنسار علي، ظفر علي ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڳاهيجا پوليس جي ناجائزين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيوته ڳاهيجا ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالستار ميمڻ اسان پورهيت رڪشا ڊرائيورن کي بس اسٽاپ تي رڪشا بيهارڻ کان روڪي رهيو آهي ۽ وڌيڪ رشوت جي گهر ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هو ڪيتري ئي وقت کان اسان کان روزانو في رڪشا تي 50 روپيا وٺندو هو ۽ هاڻي هو 100 ڀتو گهري رهيو آهي، اسان غريب آهيون اسان پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليون يا صوبيدار کي رشوت ڏيون. هنن الزام هڻندي چيو ته رشوت نه ڏيڻ تان اڄ ايس ايڇ او ڳاهيجا پوليس اٽالن سميت پهچي اسان سڀني رڪشا ڊرائيورن مٿان تشدد ڪري لٺيون هڻي اسٽاپ تان رڪشا ڪڍرايا آهن، جنهن ڪري اسان بيروزگار ٿي وينداسين. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان مزدور چنگچي رڪشا ڊرائيورن کي انصاف ڏياري ايس ايڇ او ڳاهيجا کي معطل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close