ڪوٽڙي جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري جي اڳواڻي ۾ ڄامشوري اتحاد پاران شهر جي مسئلن جي حل لا احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري المدينه چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. شورو هائوس کان نڪتل ريلي المدينا چوڪ تي پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري خطاب ڪندي چيو ته شهر گٽر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جو مال هڙپ ڪندڙ ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا ننڊ ستل آهن، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي من پسند ماڻهن کي امداد ڏني پئي وڃي. جڏهن ته ڪوٽڙي شهر توڙي ميونسپل ٻولهاڙي شمشان گهاٽ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، عام ماڻهن جي زندگي عذاب بڻيل آهن، پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي، گندي پاڻي جي ڪري گيسٽرو پکڙجي وئي آهي، هن چيو ته اسان ان لا روڊن تي نڪتا آهيون ته هاڻي اسان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي، ماڻهو عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، ساڳي صورتحال سڄي ضلعي ۾ آهي، راشن بنگلن تان ملندڙ پرچين تي ورهايو پيو وڃي، ٻوڏ ستايلن کان به سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، ڊاڪٽر سڪندر شوري جو چوڻ هو ته اسان عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪري قانوني جنگ وڙهڻ سان گڏ هر فورم تي ڪرپٽ ٽولي سان وڙهنداسين. ان موقعي تي ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن صادق علي شورو، لياقت خاصخيلي، ممتاز راهوجو، بادشاهه ميمڻ، مير مشتاق شورو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايم پي اي جي آشيرواد سان ميونسپل ڪوٽڙي جي هڪ نام نهاد شهري تنظيم ڪي سي او جي حوالي ڪئي وئي آهي جيڪي رڳو ڪرپشن ڪري رهيا آهن. شهر جي ڪا گهٽي اهڙي ناهي جتان ماڻهو لنگهي سگهن. اسپتال گيٽ اڳيان هڪ مهيني کان پاڻي بيٺل آهي، ٻار اسڪول نٿا وڃي سگهن. ٻوڏ متاثرن جو مال هڙپ ڪيو پيو وڃي، عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهر جي ٻنهي ميونسپل ڪميٽيز تان بنگلن جو قبضو ختم ڪرائي شهر کي صاف سٿرو ڪري ٻوڏ متاثرن جو مال هڙپ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close