سنڌ

ٻوڏ کانپو ڪجهه ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي امداد لا پيا واجهائين:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ ڪجهه ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن، ڪنهن تي الزام نه ٿو هڻان، اسان ئي هنن کي ان جو عادي بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته 2018 ۾ اسان اسپيشل ايجوڪيشن جو ايڪٽ پاس ڪيو. هن چيو ته 2022 تائين ان ايڪٽ تي مڪمل عمل نه ڪري سگهيا آهيون، لڳي ٿو ته اسان کي به تڪڙو ڪم ڪرڻ لاءِ اسپيشل ايجوڪيشن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ٻڌڻ کان محروم ٻارن جي اعليٰ تعليم بابت پهرين عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو اهتمام آئيڊاريو اسڪولز اينڊ ڪاليجز فار دي بلائنڊ اينڊ ڊيف ايڊمنسٽريشن پاران اين اي ڊي يونيورسٽي جي سهڪار سان مزار قائد ويجهو آئي ڊي اي اي ريو ڪمپليڪس ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آئيڊاريو اسڪول اينڊ ڪاليج، ڪراچي ۾ خدمت جي هڪ صدي مڪمل ڪئي آهي، پنهنجي حڪومت سان ڀائيواري جي آڇ ڪئي آهي، جنهن تحت کين عمارت، انفراسٽرڪچر ۽ معذور ماڻهن لاءِ تعليمي ادارن کي هلائڻ لاءِ فنڊ ڏنا ويندا ته جيئن هو انهن تي بهتر نموني ڪم ڪري سگهن، پهرئين مرحلي ۾ هر هڪ ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۽ ٻئي مرحلي ۾ هر هڪ ضلعي هيڊ ڪوارٽرز تي سهولتون ڏنيون وينديون. مراد علي شاهه چيو ته تعليم ئي سڀ کان اهم ۽ واحد هٿيار آهي، جنهن ذريعي سماج ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي ٿو ۽ مقصدن تائين پهچڻ جا رستا هموار ڪري ٿو، ان کانسواءِ خوشحالي، شعور ۽ ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته هي پليٽ فارم معذور ماڻهن جي حوالي سان تعليم لاءِ بهتر ڄاڻ ڏيڻ ۽ مستقبل جي چيلنجز بابت پڻ مدد ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير آئيڊاريويڪي جي خدمتن کي ساراهيو، جيڪا لڳ ڀڳ هڪ صدي کان معذور ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ، انهن ٻارن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏ کين اڳتي آڻڻ ۽ سماجي برابري کي يقيني بڻائڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهي. هن چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ اجاڳر ڪرڻ ۾ اوهان مان هر هڪ جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته خاص قابليت رکندڙ هزارين شاگردن کي پنهنجون صلاحيتون پيدا ڪرڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هن خاص ٻارن جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته انهن جي مهرباني سان اسان جو ملڪ مضبوط ۽ ممتاز ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هڪ ڪميونٽي جي حيثيت سان اسان جي ذميواري آهي ته لڳاتار ڪم ڪريون ۽ معذور ماڻهن لاءِ معياري خدمتون فراهم ڪيون. تعليم سان گڏ کين فن، دلچسپي ۽ صلاحيتن جي واڌويجهه پڻ سندن ذاتي ترقي لا ضروري آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻڌڻ کان محروم ٻارن جي اعليٰ تعليم جي حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ ڪانفرنس يقيني طور انهن جي ترقيءَ جا طريقا طئي ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت خاص قابليت رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قانون ساز قدم کنيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ماڻهن جي سهولت ۽ ترقي لاءِ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عالمي معيار جا منصوبا ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جو مقصد معذور ماڻهن کي سندن ڀرپور صلاحيت سان بااختيار بڻائڻ آهي ۽ انهن کي پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ برابري جي شراڪت فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن پاڪستان جي سمورن شهرين لاءِ برابري ۽ شموليت حاصل ڪرڻ جا اسان جا مقصد حاصل ڪري سگهجن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آئيڊاريو ايسوسيئيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. اسان وٽ هر ڊويزنل ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اسڪولن جون عمارتون آهن پر اسان وٽ مهارتن جي کوٽ آهي. هن آئيڊاريو کي آڇ ڪئي ته هو اڳتي اچي ۽ هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ معذورن لاءِ سرڪاري اسڪول سنڀالين. هن چيو ته اسان توهان کي فنڊ ۽ ٻيون سهولتون ڏينداسين. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير اسڪول جي ڪلاس رومز جو دورو ڪيو ۽ آئي ٽي جي تعليم، آرٽس ۽ ٻين سرگرمين ۾ مصروف ٻارن سان ملاقات ڪئي. مراد علي شاهه خاص ٻار جي واکاڻ ڪئي جنهن سنڌ جي وڏي وزير جو پينسل سان پورٽريٽ ٺاهيو. ان موقعي تي وفاقي وزير شازيه مري، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار صادق ميمڻ، وي سي اين اي ڊي ڊاڪٽر سروش لوڌي، ڊاڪٽر پنجواڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button