سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح تيزي سان هيٺ اچي رهي آهي ۽ هن وقت سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي. گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 147600 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته اخراج 135900 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 150700 ڪيوسڪ ۽ اخراج 147000 ڪيوسڪ آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 294500 ڪيوسڪ ۽ اخراج 286500 ڪيوسڪ آهي. صوبائي وزير پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 692 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جڏهن ته اڄ تائين جي مليل رپورٽ موجب پوري صوبي ۾ 2 لک 46 هزار 406 ڍور مري ويا آهن. هن چيو ته ڪل 1750707 گهر متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 703986 مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3557711 ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي. ھن چيو ته رپورٽ موجب 10802252 آبادي متاثر ٿي آهي، جنهن ۾ 2017579 خاندان شامل آهن. 6891457 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سميت پاڪستان آرمي، نيوي، ايئر فورس، عالمي امدادي تنظيمون ۽ اين جي اوز ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ مصروف آهن. متاثرن ۾ ڪل 256248 خيما، 244867 ترپال، 1980856 مھارا ، 15430 چوپائي مال جون مڇر دانيون، 31198 ڪچن سيٽ ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. ھن چيو تہ 650074 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آبپاشي کاتو، لاڳاپيل ضلعي انتظاميا ۽ پاڪ فوج جي ٽيڪنيڪل مدد سان متاثر ٿيل علائقن مان برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال تي ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي. سمورا فيصلا آبپاشي انجنيئرن جي مشاورت سان ڪيا پيا وڃن. ڪنهن جي مرضي تي ڪٽ نٿا لڳائي سگھجن. سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته جلد کان جلد زرعي زمين مان پاڻي ڪڍيو وڃي ته جيئن هاري پنهنجي زمينن کي ايندڙ فصل لاءِ تيار ڪري سگهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close