ڏوڪري جي مختلف ڳوٺن مان پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگهيو، ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ڍنڍ، عالماڻي جهتيال، ڪاراڻي، ويهڙ، سيهڙ، خچرپور، جکرا ۽ ٻين ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگهيو. برسات ۽ ٻوڏ جي بيٺل پاڻي سبب گيسٽرو، مليريا سميت ٻيون ڪيتريون ئي مختلف بيماريون پيدا ٿي ويون آهن. متاثر ڳوٺاڻن مسعود احمد، ضمير حسين، علي رضا، نعيم سنڌو ۽ ٻين چيو آھي ته 20 ڏينهن برسات کي گذري ويا پر چونڊيل نمائندا توڙي سرندي وارن اسان جي ڪا سارسنڀال نه لڌي آھي. هنن چيو ته اسان جا ٻارڙا بکون ڪاٽي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن پر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن اسان کي کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ جي سهولت لاءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، هنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي تہ جلد ڳوٺن مان برسات ۽ ٻوڏ جو بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن گندي پاڻي مان ٿيندڙ مختلف بيمارين کان بچي سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close