سنڌ

ٻوڏ متاثرن جون گاريون ٻڌي نه پر اليڪشن جي خبر تي ڪاوڙ لڳي ٿي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جون گاريون ٻڌي نه پر اليڪشن جي خبر تي ڪاوڙ اچي ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ اليڪشن جي خبر ٻڌڻ جو به وقت نه آهي، ٻوڏ واري صورتحال ۾ ٽي وي تي اليڪشن جي خبر اچي ته مان چينل مٽائي ڇڏيان ٿو، وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 30 مان 24 ضلعا متاثر ٿيا، ڪراچي ۾ سراسري برسات کان وڌيڪ برساتون پيون، برساتن سان ڪراچي جي انفرااسٽريڪچر کي به نقصان ٿيو. هن چيو ته پڊعيدن ۾ 1800 ملي ميٽر برسات پئي، انهن ضلعن ۾ 30 لک کان وڌيڪ ڪچا گهر تباهه ٿيا آهن. اسان کي 30 لک گهراڻن لاءِ ڇت جو بندوبست ڪرڻو آهي، اسان کي فوري طور تي ڏيڍ ملين خيمن جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته وبائي مرض ٻوڏ کان وڏو اشو آهي، 504 ڪئمپون سڄي سنڌ ۾ لڳايون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪم ڪري رهيو آهي. متاثرن کي دوائون فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته اسان کي مڇردانين جي وڏي انگ ۾ ضرورت آهي، پرڏيهي سفيرن کي به چيو آهي ته اسان کي فند جي نه خيمن ۽ مڇردانين جي ضرورت آهي. هن ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم سان رابطي ۾ رهون ٿا، انهن جون شڪايتون به آهن، ايم ڪيو ايم جي هڪ وفد سان جلد ملاقات ٿيندي. مراد علي شاهه چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي هوندي آهي. ڪراچي ۾ 1100 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، جنهن جي ڪري انفرااسٽريڪچر کي نقصان ٿيو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جو انفرااسٽريڪچر بحال ڪرڻ لاءِ فوري طور فنڊ جاري ڪري ڇڏيا هئا، ڪراچي ۾ رستن جي مرمت جو ڪم جاري آهي، ڪراچي ۾ انفرااسٽريڪچر کي بحال ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا فنڊ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button