حيدرآباد سبزي منڊي جي واپارين ڀتاخور مافيا ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي زيادتين خلاف ڪاروبار بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد اونين اينڊ پٽاٽو ويجيٽيبل ڪميشن ايجنٽس گروپ جي صدر الطاف ميمڻ ۽ ٻين سبزي منڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ مارڪيٽ ڪميٽي سبزي منڊي جي واپارين کي تحفظ سميت بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. پراڻي سبزي منڊي مان نئين سبزي منڊي ۾ منتقل ٿيڻ بعد ڀتي خورن سبزي منڊي ۾ پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن. مکيه گيٽ کان وٺي اندر مارڪيٽ ۾ ڀتا خور واپارين، هارين، زميندارن کي پريشان ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڀتي خوري بابت مارڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين شاهنواز، ڊي آءِ جي پوليس، ايس ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر کي بار بار آگاهه ڪندا رهيا آهيون، ان باوجود ضلعي انتظاميا تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ سنجيدا نظر نٿي اچي. هنن چيو ته نئين سبزي منڊي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان ترقياتي ڪم جنهن ۾ روڊ رستا ۽ سبزي منڊي کي چار ديواري سميت ٻيا ڪم رولڙي جو شڪار آهن، جنهن سبب ڪاروباري ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. هنن گهر ڪئي ته 4 ڏينهن اندر ڀتي خورن کي لغام ڏئي نه روڪيو ويو ۽ رهيل ترقياتي ڪم جلد مڪمل نه ڪرايا ويا ته اسين نئين سبز منڊي ۾ منتقل نه ٿيڻ سميت احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور هونداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close